پاڪستان ۾ عدم استحڪام ۾ ڀارت جو هٿ آهي: آمريڪي پرڏيهي وزير

در . جهان ۾ پاڪستان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي سخت بيان اندر لڪيل هڪ پيغام ڀارت لاءِ به آهي. ان آخرڪار تسليم ڪيو ته خطي ۽ پاڪستان ۾ عدم استحڪام ۾ ڀارت جو هٿ آهي. ميڊيا کي بريفنگ دوران پرڏيهي وزير ٽلرسن نرم لهجي ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي چوي ٿو ته ڀارت تي اهڙن قدم کڻڻ تي زور ڏنو جنهن سان پاڪستان سان تعلقن ۾ بهتري اچي سگهي. ان وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ اندر اهڙا سبب ختم ڪري جنهن سان ناراض عنصر جنم وٺندا آهن، ريڪس ٽلرسن جو چوڻ هو ته هن جو خيال آهي ته ڀارت کي پاڪستان سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ان کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا جنهن سان پاڪستان ۾ استحڪام اچي ۽ پنهنجي ملڪ اندر غير منظم عنصرن سان رابطو ختم ڪري، جيڪو پاڪستان ۾ عدم استحڪام جو سبب آهي. هن چيو ته آمريڪا هميشه پاڪستان ۽ ڀارت کي ٻه طرفا معاملا پاڻ حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، هي شايد پهريون موقعو آهي جڏهن ان ڀارت تي سڌي طرح زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان سان لاڳاپا بهتر ڪري.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 38 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي