اتر ڪوريا جو ميزائل تيار، آمريڪا اسان جي نشاني تي آهي

در . آفريڪا ۽ ايشيا

اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي سلامتي واري ڪونسل جي ٺهرائن جي مخالفت ڪندي آمريڪا تائين مار رکڻ جي صلاحيت تي ٻڌل بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزامل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ميزائل تجربي کان پوءِ اتر ڪورين حڪمران ڪم جانگ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ان ميزائل جي ڪامياب تجربي کان پوءِ هاڻ سڄو آمريڪا اسان جي نشاني تي آهي. اتر  ڪوريا طرفان بيلسٽڪ ميزائل تجربو جمعي جي ڏينهن ڪيو ويو، آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ان  جي فورسز جاپان جي سامونڊي حدن ۾ اتر ڪوريا ڏانهن ڇڏي ميزائل ڏٺو آهي، جيڪو اتر ڪوريا ۾ لانچنگ پيڊ تان جمعي جي صبح 11 لڳي 41 منٽن تي ڇڏيو ويو. اهو ميزائل 45 منٽن تائين هوا ۾ رهڻ بعد جاپان جي سمنڊ ۾ ڪري پيو.  آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ 3 هزار ڪلو ميٽر جو فاصلو آهي ۽ اتر ڪوريا جو نئون بيلسٽڪ ميزال ان کان وڌيڪ فاصلو طئي ڪري سگهي ٿو جيڪو آمريڪا جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 56 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي