ڪشمير کانسواءِ ڀارتي معيشت مستحڪم نه ٿي سگهندي: عالمي ڪمپنيون

در . آفريڪا ۽ ايشيا

عالمي ڪمپنين خبردار ڪيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ۽ مذهبي تڪرار ڀارت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ خطرو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ان جي معيشت غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب 17 کرب ڊالر ماليت واري دنيا جي وڏي ڪمپني ”جي پي مورگن“ هلندڙ مهيني پنهنجي 8 دستاويزن ۾ مذهبي ۽ سرحدي تڪرارن کي ڀارت ۾ پنهنجي سيڙپڪاري لاءِ خظرناڪ قرار ڏنو، 380 ارب ڊالر کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ ابردين اسٽيٽ مينيجمنٽ ڪمپني به آمريڪي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن کي جمع ڪرايل رپورٽس ۾ انهن ئي خدشن جو اظهار ڪيو، اينٽر وينس گريٽر انڊيا فنڊ، ميٿيوز انٽرنيشنل فنڊز، الپس فنڊ، فرينڪلن ٽيمپ ٽيشن انٽرنيشنل ٽرسٽ، گلوبل ايڪس فنڊز ۽ آئي شيئر ٽرسٽ، آٿر جي گالا گر اينڊ ڪو ۽ ڪاز وي ڪيپيٽل مينيجمنٽ ٽرسٽ به ڪشمير واري مسئلي ۽ ٻين تڪرارن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، انهن ڪمپنين ۽ ٽرسٽ جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مذهبي ۽ سرحدي تڪرار جاري آهن، جنهن مان پاڪستان سان گڏ ڪشمير وارو تڪرار سڀ کان پراڻو آهي، ان کانسواءِ ڪيترين ئي رياستن ۾ علحيدگي جون تحريڪون به هلي رهيون آهن، انهن مسئلن کي حل نه ڪيو ويو ته معيشت کي گهڻو نقصان پهچندو

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 68 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي