سعودي سرڪار ڏڦيڙ جو شڪار، بچاءُ ۽ صحت وارا وزير گهر ڀيڙا

در . آفريڪا ۽ ايشيا

سعودي بادشاهه عبدالله ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت واري وزير عبدالله الربيه کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ليبر واري وزير اديل بن محمد تقيح کي عهدي جي چارج سونپي ڇڏي آهي. جڏهن ته بچاءُ واري نائب وزير شهزاده خالد بن سلطان کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. شاهي فرمان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شهزاده فهد بن عبدالله کي سعودي جو نئون نائب بچاءُ وارو وزير بڻايو ويو آهي. شهزاده خالد خليج ويڙهه دوران سعودي فوج جو سربراهه هو، کيس 2011 ۾ ولي عهد ۽ بچاءُ واري وزارت جا قلمدان سونپيا ويا هئا. جڏهن ته شهزاد فهد سعودي بحريه جو اڳوڻو سربراهه به آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 14 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي