جاپان دنيا جو پهريون سمنڊ اندر شهر ٺاهڻ جو منصوبو تيار

در . آفريڪا ۽ ايشيا

سائنسدادنن جو خيال آهي ته سمنڊ جي واڌ جي ڪري زمين جو تمام گهڻو حصو پاڻي هيٺ اچي سگهي ٿو. انهي خطري کي ڏسندي جاپان ۾ سمنڊ ۾ اندر شهر تعمير ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. ٽوڪيو جي ڪمپني شميزو ڪارپوريشن اوشين اسپائرلز نالي شهر آباد ڪري رهي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته انهي منصوبي تي ۲٦ ارب ڊالٽر خرچ ٿيندو. جيڪڏهن ڪمپني جي منصوبي تي ڪم اڳتي وڌيو ته اهو پهريون شهر جاپان جي گادي واري هنڌ ٽوڪيو جي سمنڊ ۾ ۱٦۴۰۰ فٽ گهرائي ۾ تعمير ٿيندو. بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ تمام وڏي ٽربيونز سمنڊ اندر ۾ لڳايا ويندا جيڪي سمنڊ جي لهرن مان بجلي پئدا ڪندا اهو ۹ ميل وڏو اسٽرڪچريا اسپائرل سمنڊ جي پاڻي مان بجلي پئدا ڪندو. تعمير ٿيندڙ انهي شهر ۾ ۵ هزار ماڻهو رهي سگهن ٿا. جڏهن ته ڪمپني جو خيال آهي بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ لڳايل سسٽم ايتري بجلي پئدا ڪندو جو اتي رهڻ وارن جو ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون. انهي بال جهڙي جڳهه اندر رهائش، آفيسون، ليبارٽريون، هوٽل ۽ تعليمي ادارا موجود هوندا. ڊزائنرن جو چوڻ آهي ته اهو ماحول دوست شهر هوندو. ڪمنپي مطابق اهو شهر ۲۰۳۰ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 16 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي