آسٽريليا ۾ اسلام ۽ نسل پرستي خلاف ريليون، چڪريون

در . آفريڪا ۽ ايشيا

آسٽريليا ۾ نسل پرستي ۽ اسلام جي خلاف ريليون ڪڍڻ دوران چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو، اي بي سي جي رپورٽ موجب ميلبورن ۾ ٻن مخالف ڌرين جي ريلي ڪوٺائي وئي هئي، انهي دوران ٻنهي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، ريليون پر امن طور تي ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا، هڪ ريلي اسلام ۽ ٻي نسل پرستي جي خلاف ڪڍي وئي هئي، ٻئي ريليون جڏهن هڪ ٻئي جي سامهون آيون ته ڏنڊن ۽ پٿرن جو آزاداڻو استعمال شروع ٿي ويو. بي بي سي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام مخالف ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ پناهگير نه، اسان، اسان جا گهر ۽ اسان جو مستقبل جهڙا نعرا لکيل بينر هٿن ۾ هئا، جڏهن ته نسل پرستي خلاف ريلي ڪڍندڙن جي هٿن ۾ نازي گندگي، اسان جي گهٽين ۾، جهڙا نعرا لکيل بينر کنيل هئا، اسلام مخالف احتجاج ڪندڙ ماڻهن ريلي دوران مسلمانن ۽ اسلام خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. پوليس جو چوڻ هو ته ريلي پر امن ڪڍڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر ائين نه ٿيو ۽ جهيڙي دوران ڪيترائي ماڻهو اسپتال پهچي ويا،جڏهن ته  ٻنهي گروپن جي ستن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، آسٽريليا جي وزير اعظم ميڪولم ٽرنبل جو چوڻ هو ته آسٽريليا هڪ پرامن ۽ ثقافتي ملڪ آهي، جيڪا اسان جي ڪاميابي آهي، اسان سڀني کي هڪ جهڙو سمجهون ٿا، جنهن ڪري اسان خوشحال آهيون، ياد رهي ته ڪجهه وقت کان آسٽريليا ۾ مسلمانن خلاف حملن ۾ واڌ ٿي آهي. اها واڌ داعش پاران شام ۽ عراق ۾ اڀرڻ کانپوءِ ٿي آهي. 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 22 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي