مصر جي عدالت اخوان المسلمين جي 149 ڪارڪنن جي موت واري سزا روڪي ڇڏي

در . آفريڪا ۽ ايشيا

444468-egypt-1454505887-608-640x480مصر جي مقامي عدالت بم ڌماڪن ۽ پوليس تي حملن جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي مصري صدر جي حامين ۽ اخوان المسلمين جي 149 ڪارڪنن جي موت واري سزا روڪي ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري مطابق قائرا جي عدالت اڳوڻي مصري صدر محمد مرسي جي حڪومت جو تخت اونڌو ٿيڻ کانپوءِ احتجاج ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار 149 ڄڻن جي موت واري سزا روڪيندي حڪم ڏنو آهي ته انهن جي ڪيسسن جي ٻيهر ٻڌڻي ڪئيوڃي. ميڊيا رپورٽن مطابق انهن 149 ڄڻن مان 37 ڄڻن کي  انهن جي غير حاضري ۾ سزا ٻڌائي وئي پر هو  ٻيهر ٻڌڻي ۾ عدالت ۾ ايندا. عدالت پاران جن ماڻهن جي سزا روڪي وئي،انهن تي 14 آگسٽ 2013ع ۾ مرسي حڪومت جي ختم ٿيڻ تي احتجاج دوران بم ڌمڪان ۽ 13 پوليس اهلڪارن جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر عدالت ٻيهر ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،جڏهن ته عدالتي ٻڌڻي تي ملڪي ۽ عالمي سطح تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ اڌر هجڻ جو الزام به لڳايو هو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 23 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي