ايران ۾ سڄو لوڻ سان ٺاهيل هوٽل تيار

در . آفريڪا ۽ ايشيا

 ايران ۾ هڪ هوٽل مڪمل طور لوڻ سان ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي ڏسڻ وارن جي رش رهي ٿي، هن هوٽل کي ٺاهڻ وارن جو چوڻ آهي ته هن هوٽل ۾ رهڻ صحت لاءِ فائديمند آهي. ايران جي شهر شيراز جو هي هوٽل 150 ميٽر جي ايراضي تي ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي ايراني ڪمپني امتياز ڊيزائننگ گروپ جي ماهرن ٺاهيو آهي، جنهن جو بنيادي مٽيريل لوڻ آهي، هن جي هر شيءِ ميزون، ڪرسيون لوڻ مان ٺاهيون ويون آهن، هن هوٽل ۾ رهڻ سان ماڻهن جي صحت تي سٺو اثر پوندا آهن، اسان سڀ ڄاڻيون ٿا ته لوڻ هوا کي صاف ڪندو آهي ۽ پنهنجي ويجهو سٺا آئن خارج ڪندو آهي، اهڙي ريت ساهه جي مريضن کي لوڻ کاڻ ۾ ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جنهن سان انهن جي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ويندي آهي. لوڻ جي هوٽل لاءِ لوڻ جي مضبوط شين کي چونڊيو ويو، جنهن سان ڀت ٺاهي وئي، ڪيترن ئي جاين تي لوڻ کي جوڙي مٽيريل طور لڳايو ويو آهي، شام ٿيندي ئي هن هوٽل ۾ ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ لوڻ واري موحول ۾ مزيدار کاڌا کائيندا آهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 10 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي