يهودي جيلن ۾ قيد ننڍي ڄمار جي ٻارڙن تي ظلم، تشدد جو انڪشاف

در . آفريڪا ۽ ايشيا

on11رملا : فلسطين ۾ انساني حقن جي تنظيمن يهودي جيلن ۾ قيدي سوين ننڍي ڄمار جي ٻارڙن تي ظلم ۽ تشدد جي خوفناڪ طريقين جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي، فلسطيني اٿارٽي جي قيدين جي معاملن واري کاتي جي چيئرمين عيسيٰ قراقع به انساني حقن جي گروپن پاران ننڍي ڄمار جي معصوم ٻارڙن تي تشدد جي غير انساني طريقين

جي استعمال جي تصديق ڪندي چيو ته حراست هيٺ جوابدارن کان ڏوهه جو اعتراف ڪرائڻ لاءِ انهن تي غير انساني تشدد جو طريقا استعملا ڪيا وڃن ٿا، هن ٻڌايو ته تازو ئي اسرائيل عتصيون نالي هڪ ملٽري حراست مرڪز ۾ رکيل 15 سالن جي فلسطيني ڇوڪر نور محمد حلمي حمامره کان جاچ دوران نهايت ظالماڻو ۽ غير انساني ورتا ڪيو ويو ۽ جاچ وقت پلاس جي مدد سان ان جا ڏند ۽ ننهن ڪڍيا ويا ۽ ان جي جسم مان گوشت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان انساني حقن جي نمائندن کي ٻڌايو ته هڪ يهودي تفشيش ڪندڙ پلاس جي مدد سان ان جا سمورا ڏند ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن کانپوءِ ان جا ڏند، کل ۽ ننهن پلاس جي مدد سان ڪڍيا ويا، يهودي جاچ ڪندڙ چيو ته جيڪڏهن مان جرم جو اعتراف نه ڪندس ته اهي منهنجا سمورا ننهن ۽ ڏند ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيندا، وحيشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل ٻارڙي ٻڌايو ته يهودي جاچ ڪندڙ ان جو هڪ ڏند پلاس جي مدد سان ڪڍي ورتو ته ان جي وات مان رت وهڻ لڳو، گهڻي تڪليف سبب مون کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا پر ان حالت ۾ 3 ڪلاڪن تائين هڪ ڪرسي سان گڏ ٻڌي ويهاريو ويو هو جنهن کانپوءِ هڪ ٻئي مرڪز ۾ نيو ويو، هن ٻڌايو ته حراست ۾ ورتل ننڍي ڄمار ۽ وڏي عمر جي قيدين سان اهڙي قسم جا خوفناڪ طريقا ڪيا وڃن ٿا، ٻئي طرف انساني حقن جي تنظيم اسرائيلي جيلن ۾ ٿيندڙ ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل کي قيدين سان غير انساني ورتا ڪرڻ کان سختي سان روڪي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 57 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي