جرمني سعودي عرب کي هٿيار نه وڪڻندو

در . آفريڪا ۽ ايشيا

جرمني وچ اوڀر جي وڌندڙ خراب حالتن کي سامهون رکندي، سعودي عرب کي هٿيارن جو وڪرو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جرمني جي مقامي اخبار ”در اسپيگل نيوز ميگزين“ اها دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب کان ملندڙ هٿيارن جا آرڊر يا ته رد ڪيا ويا آهن يا وري انهن تي وڌيڪ غور ڪرڻ واري ڳالهه ڪري فلحال ٽاريو ويو آهي. اخبار لکيو آهي ته اهڙو فيصلو جرمني جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪيو، جنهن ۾ چانسلر ايجنلا مريڪل، وائس چانسلر سگمار گيبرئيل ۽ 7 ٻيا وزير شامل آهن، ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو ويو ته وچ اوڀر علائقي جون حالتون خراب آهن ۽ علائقو عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان ڪري اوڏانهن وڌيڪ هٿيار اماڻڻ مناسب ناهن. سعودي عرب اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ آهي، تنهنڪري هن کي دنيا ۾ وڏي اهيمت حاصل آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه عبدالله جي وفات واري موقعي تي پاڪستان، برطانيا، فرانس سميت دنيا جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن تدفين ۾ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته سعودي عرب جرمني کان سڀ کان وڌيڪ  هٿيار وٺندڙ ملڪ آهي، جنهن فقط 2013ع ۾ هن کان 400 ملين ڊالرن جا هٿيار ورتا هئا. هوڏانهن جرمني جي اخبار جي ڪيل سروي ۾% 78 شهرين سعودي عرب ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪري هٿيار وڪڻڻ تي پابندي جي گهر ڪئي هئي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 77 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي