امريڪي صدر براڪ اوباما ڀارت پهچي ويو

در . آفريڪا ۽ ايشيا

امريڪي صدر براڪ اوباما ٽن ڏينهن جي دوري تي ڀارت پهچي ويو، جڏهن ته امريڪي صدر کي راشٽر پتي ڀون ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. امريڪي صدر براڪ اوباما سندس گهرواري سان گڏ نئين دهلي ايئرپورٽ تي پهتو ته ڀارتي وزيرعظم نريندر مودي آڌرڀاءُ ڪيو. امريڪي صدر براڪ اوباما ٻيون ڀيرو ڀارت جي دوري تي پهتو آهي. امريڪي صدر براڪ اوباما جي آمد دوران نئين دهلي ۾ 80 هزار سڪيورٽي لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا ويا ، جڏهن ته شهر ۾ 15 هزار سڪيورٽي ڪئمرائون نصب ڪيون ويون هيون. امريڪي صدر براڪ اوباما دوري دوران ڀارت سان ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ ڪندو. امريڪي صدر براڪ اوباما تاج محل جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اباما ڀارتي دوري کي مختصر ڪندي چئن ڏينهن جي دوري کي ٻه ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. امريڪي صدر براڪ اوباما ڀارت جي دوري کان پوءِ سعودي عرب روانو ٿيندو، جتي شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 11 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي