ڀنگ نه ڏنو ويو ته ٻن جاپاني شهرين کي قتل ڪيو ويندو

در . آفريڪا ۽ ايشيا

ويڙهاڪ تنظيم داعش وڊيو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ٻن جاپاني شهرين کي يرغمال ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهن جي آزادي جي بدلي جاپاني حڪومت کان 200 ملين ڊالر ڀنگ طلب ڪيو ويو، پرڏيهي خابرو اداري مطابق شام ۽ عراق ۾ سرگرم ويڙهاڪ تنظيم داعش اڱاري تي انٽرينٽ تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ٻن ڄڻن کي گوڏن ڀر ويٺي ڏيکاريو ويو ۽ چيو ويو آهي ته هي ٻئي ڄڻا جاپان جا شهري آهن وڊيو ۾ نقاب پوش شخص خنجر هٿ ۾ کڻي انگريزي زبان ۾ جاپان جي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن 72 ڪلاڪن اندر 200 ملين ڊالر ادا نه ڪيا ته انهن جي ٻنهي شهرين کي قتل ڪيو ويندو، وڊيو جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ جاپان جي وزيراعظم جيڪو هينئر والاريل بيت المقدس ۾ آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ داعش جي قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته داعش جي هي حرڪت ناقابل قبول آهي ۽ پنهنجن شهرين جي حفاظت  لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا جڏهن ته جاپاني اختيارين جو چوڻ آهي ته هو وڊيو اصل هجڻ جي تصديق ڪري رهيا آهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 81 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي