ٻن آمريڪي شهرين تي گيمبيا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو الزام

در . آفريڪا ۽ ايشيا

اولهه آفريڪي ملڪ گيمبيائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام 2 آمريڪي شهرين تي مڙهيو ويو، آمريڪي انصاف واري وزارت موجب 57 سالن جي چرنو نجي ۽ 46 سالن جي پاپا فال کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻنهي ڄڻن تي آمريڪي مائنارٽي ايڪٽ ۽ بنا سبب هٿيار رکڻ واري قانون جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو ويو. مقامي اختيارين موجب نجي ۽ پاپا فال گذريل سال جي آخر ۾ گيمبيا جو دورو ڪيو هو جنهن جو مقصد حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو، ان ڏس ۾ هنن ساٿين سميت 4 رائفلون ورتيون جيڪي ساڻ ڪري هو گيمبيا ويا  هئا. آمريڪي اختيارين موجب جڏهن حڪومتي تختو اونڌو ڪرڻ جو مقصد حاصل نه ٿيو ته اهي ٻئي واپس آمريڪا موٽي آيا.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 9 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي