يمن: ڪاليج ٻاهران ڪار بم ڌماڪو

در . آفريڪا ۽ ايشيا

وچ اوڀر جي بدامني ۽ گهرو ويڙهه جي ور چڙهيل ملڪ يمن ۾ هڪ پوليس ڪاليج ٻاهران ٿيل ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، مقامي اختيارين موجب ڪاليج ٻاهران بيٺل هڪ ڪار ۾ بم فٽ هو جيڪو گهڻا شاگرد گڏ ٿيندي ئي ڦاٽي پيو، اکين ڏٺن شاهدن موجب بم جو آواز سڄي شهر ۾ ٻڌو ويو.

هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي واقعي جون تصويرون  اپ لوڊ ڪيون ويون،  جن ۾ تباهه ڪار ۽ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ڏيکاريا ويا آهن. مقامي اختيارين موجب ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول ناهي ڪئي پر اهڙا ڌماڪا اڪثر عالمي دهشتگرد تنظيم القاعدا جي ماتحت تنظيم ڪندي رهي آهي. واضح رهي ته يمن 2011ع ۾حڪومت مخالف تحريڪ، جنهن سبب صدر عبدالله صالح کي استيعفيٰ ڏيڻي پئي هئي  کان غير مستحڪم آهي. جڏهن ته باغين جو ملڪ جي مختلف حصن تي مڪمل ڪنٽرول آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 18 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي