سنڌ جي مختلف شهرن ۾ استاد سراپا احتجاج

در . تعليم ۽ تربيت

Picture9سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن تدريسي عملي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن. ان حوالي سان ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف پاران پ ٽ الف جي مرڪز پاران چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪرڻ ۽ سيڪريٽري تعليم خلاف سوين استادن پاران سيد رضا شاهه، اشفاق احمد ڌامراهو، انور علي ڀٽو، علي شيخ، ارشاد علي تونيو، خادم گهانگهرو، فدا حسين چانڊيو، مختيار گاد، اڪبر علي کوسو، مظهر علي سانگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ديني مدرسه اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيستائين سيڪريٽري تعليم کي نه هٽايو ويندو، تيستائين تحريڪ جاري رهندي، سکر ۾ ماسترن سيڪريٽري تعليم کي نه هٽائڻ تي ڪالهه شاگردن کي موٽائي اسڪولن کي تالا هڻي ڇڏيا، سکر ۾ پ ٽ الف سکر جي سڏ تي ماسترن اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪندي سڪندر جتوئي، ممتاز شاهه، محمد علي شيخ، اعجاز جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،  جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سيڪريٽري تعليم ماسترن جا جائز مطالبا مڃڻ بدران انهن تي ڪراچي ۾ تشدد ڪيو، خيرپور ۾ پ ٽ الف ۽ مهراڻ ٽيچرز ايسوسيئيشن پاران گڏيل طور تي سيڪريٽري ايجوڪيشن جي زيادتين خلاف ۽ سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به اسڪولن جي تالابندي ڪري سوين استادن پيرين پنڌ ۽ موٽر سائيڪلن تي چڙهي ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور کان احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ بعد ۾ ڪچهري روڊ وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،  جنهن ڪري ٻنهي طرفن کان لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي اسدالله ميمڻ، خير محمد سومرو، عبدالوهاب سولنگي، مختيار احمد سولنگي، لعل محمد جانوري، تاج محمد سروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. شڪارپور ۾ سنڌ ايجوڪيشن ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي سڏ تي مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن شڪارپور پاران مٽاس جي مرڪزي اڳواڻ محمد قاسم پٺان، ضلعي صدر امداد علي عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ لکيد پرائمري اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن مان ٿيندي شڪارپور پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي اڳواڻن محمد قاسم پٺاڻ، امداد علي عباسي،اقبال احمد ٻپڙ، منظور احمد بروهي، محمد عالم ناپر ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سيڪريٽري تعليم جي ڪري سنڌ صوبي جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي.  دادو ۾ پ ٽ الف پاران سيڪريٽري تعليم خلاف پريس ڪلب دادو آڏو عنايت جمالي، اعجاز پتافي، وسيم کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته ڏوڪري، قبو سعيد خان، وارهه، تنگواڻي، سجاول جوڻيجو، نصير آباد، داٻيجي، گهاري، هالاڻي، ماتلي،  ڪوٽ غلام محمد، ٿرپارڪر، ڏيپلي، پيرڳوٺ، ڄام صاحب، ڳڙهي خيري ۽ وارهه ۾ به استادن احتجاجي مظاهرا ڪيا.پني عاقل ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي ٻي ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو، ان ڏس ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن استادن تعلقه صدر حزب اللھ چاچڙ،جنرل سيڪريٽري ڪليم الله ڪلھوڙو،ڪرم الدين انڍڙ،خالد حسين عباسي،عبدالڪريم سومرو،منور ٿھيم،ارشاد عباسي سميت سوين استادن مين پرائمري اسڪول تائين ريلي ڪڍي. جڏهن ته جهڏي، بدين، قمبر، ڊگهڙي، دڙو، غلام الله، خير پور ناٿن شاهه، ۽ ٻين شهرن ۾ به استادن تدريسي عملي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 13 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي