ميرپورخاص تعليمي بورڊ يارهين ڪلاس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو

در . تعليم ۽ تربيت

ميرپورخاص تعليمي بورڊ پاران يارهين ڪلاس سال 2016ع جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ جنرل سائنس جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي، نتيجي موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ ڪل 11798 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 9511 اميدوارن 6 پيپرن ۾ پاس، 1404 اميدوارن 5 پيپرن ۾، 387 اميدوارن 4 پيپرن ۾، 218 اميدوارن ٽي پيپرن ۾، 58 ٻن پيپرن ۾، 18 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا ۽ 18 اميدوار امتحان ۾ غير حاضر رهيا ۽ 192 اميدوارن جا نتيجا ڪاغذ اڻپورا هجڻ ۽ ڪاپي ڪيس سبب روڪيا ويا آهن، جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ ڪل 7082 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 5638 اميدوارن 6 پيپرن ۾ پاس، 790 اميدوارن 5 پيپرن ۾، 361 اميدوارن 4 پيپرن ۾، 114 اميدوارن ٽن پيپرن ۾، 37 ٻن پيپرن ۾، 10 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا ۽ 122 اميدوارن جا نتيجا ڪاغذ اڻپورا هجڻ ۽ ڪاپي ڪيس سبب روڪيا ويا آهن، ساڳئي طرح سائنس جنرل گروپ ۾ 177 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 85 ڇھ پيپرن، 32 پنج پيپرن، 30 چار پيپرن، 14 ٽن پيپرن، 8 ٻن پيپرن ۽ 2 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا، جڏهن ته 6 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس ۾ ڪاغذ اڻپورا هجڻ تي روڪيا ويا آهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 14 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي