پاراچنار ۾ ٿيل دهشتگردي

در . اسلامي آرٽيڪل


ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن خاص ڪري آپريشن ضرب عضب جي شروع ٿيڻ کانپوءِ ڏوهه ڏڪائيندڙ دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ ڳاڻيٽي جوڳي حد تائين گهٽتائي ضرور آئي آهي پر ايئن چئي نٿو سگهجي ته هي ملڪ ڪو دهشتگرديءَ کان پاڪ ٿي ويو آهي، يا وري اها سوچ مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي جنهن هن خطي خاص ڪري پاڪستان جي سماج اندر امن کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي.
 
پاراچنار خيبر ايجنسيءَ جو مرڪزي علائقو آهي جتي سبزي منڊيءَ کي ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ صبح جو سوير سبزيءَ جو واپار ڪندڙ اهي ماڻهو نشانو بڻيا جن جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي. اهي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ سخت سيءَ ۾ مٺي ننڊ ڦٽائي سبزي منڊيءَ پهتا هئا.
 
افغان جنگ کانپوءِ هيءُ خطو خاص ڪري پاڪستان دهشت گرديءَ جي لپيٽ ۾ آهي، انتهاپسند ۽ بنياد پرستن هن خطي جي سمورن سماجن جي ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. اڄ تائين الائي جي ڪيڏيون ۽ ڪيتريون ڪارروايون ٿي چڪيون آهن ۽ ٿي رهيون به آهن پر ان باوجود به دهشتگرديءَ جي لعنت ڄڻ ته ختم ٿي نه سگهي آهي. دهشتگرديءَ کي طاقت سان چٿڻ به هڪ طريقو آهي پر اها دهشتگردي جڏهن هڪ سوچ ۽ نظريي تحت ٿي رهي هجي ته ان جي خاتمي لاءِ ان سوچ ۽ نظريي کي رد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين نظريي ۽ هڪ نئين سوچ جي ضرورت به هوندي آهي.
 
افغان جنگ کان اڳ پاڪستان اندر سياست جيتري ساڄي ڌر لاءِ آسان هئي اوتري کاٻي ڌر لاءِ، قومپرست به پنهنجي فڪر ۽ فلسفي جي پرچار ۾ هئا ته ڪميونسٽ به. پيپلز پارٽيءَ جهڙي لبرل سوشلسٽ جماعت به پنهنجي پروگرام جي پرچار ۾ آزاد هئي ته مذهبي جماعتون توڙي قدامت پسند جماعتون به پنهنجي ڪرت سان لڳل هيون. پر افغان جنگ کان پوءِ آمريڪا بهادر جي چوڻ تي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پاڪستان اندر خاص ڪري قبيلائي علائقن ۾ منظم ۽ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت جيڪا سوچ ڦهلائي وئي ته افغانستان تي غير مسلمان روسي فوج قبضو ڪيو آهي تنهن ڪري هڪ مسلمان ملڪ تان غير مسلمان ملڪ جي فوج جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ جهاد لازمي آهي ۽ هر مسلمان تي فرض آهي.
 
ايئن اهڙي سوچ باقاعدي کير پياري تاتي وڏي ڪئي وئي. سوويت فوجون ته بهرحال افغانستان مان نڪري ويون ۽ ان جي جاءِ تي آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ نيٽو جي فوج اچي ويهي رهي ۽ نيٽو ۾ جيڪي ملڪ شامل آهن تن ۾ به اڪثريت غير مسلمانن جي آهي سو ڪم لٿو ڊکڻ وسريو واري پرَِ ٿيڻ بدران سوويت فوجين جي نڪري وڃڻ کانپوءِ اها سوچ جيڪا جهاد جي نالي ۾ هٿي وٺرائي سماج ۾ ڦهلائي وئي هئي سا ختم ٿيڻ بدران ان دليل سان انهن قوتن طرفان جاري رکي وئي جيڪي سوويت فوجين خلاف وڙهي رهيون هيون ته جي روسي غير مسلمان هئا ته هاڻي جيڪي آيل آهن سي وري ڪهڙا مسلمان آهن. سو ڪڏهن ڪڏهن جيڪا کڏ ٻين لاءِ کوٽبي آهي سا پنهنجي ئي ڪنڌ ۾ پئجي ويندي آهي واري مثال جيان ان سوچ نيو يارڪ جي جاڙن ٽاورن ۾ به جهاز ڌماڪن ذريعي قيامت برپا ڪئي ته اسان جي سماج کي به وڻ ويڙهيءَ وانگر اهڙو اچي ورايو جو هتان جو امن اڄ تائين ٽياس تي ٽنگيل آهي.
 
ان سوچ جي ڪري اسان جي سماج ۾ لبرل ۽ روشن خيال توڙي اعتدال پسند ڌرين لاءِ ميدان تنگ ٿيندو ويو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مذهبي انتهاپسند ۽ مذهبي سياست وڌندي وئي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اظهار جي آزاديءَ اڳيان بند ٻَڌل آهن، کاٻي ڌر جون سياسي جماعتون خوف ۽ خطري ۾ آهن جڏهن ته قدامت پسند ۽ کاٻي ڌر وارا سياسي اڳواڻ جتي وڻين اتي وڃي به سگهن ٿا، جلسا به ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي پروگرامن جي پرچار به ڪري سگهن ٿا. اهڙي صورتحال سماج کي ويتر خطري ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪارروائي ته انتهاپسندن، دهشتگردن ۽ بنيادپرستن خلاف جاري آهي پر ان ڪارروائيءَ جو نتيجو ان ڪري به اثرائتي نموني ناهي نڪري سگهيو جو ان ڪارروائيءَ هوندي به پسند ۽ ناپسند واري اختيار ڪيل اصول تحت ساڳي ئي سوچ جي ڌرين لاءِ ميدان مُهيا ڪيل آهي. جڏهن ته لبرل ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين لاءِ اڄ به هڪ جهڙو ميدان مُهيا نه ٿي رهيو آهي.
 
سو ويهه نقطن وارو قومي ايڪشن پلان ان صورت ۾ ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن ننڍي مدي واري سوچ تحت دهشتگردن خلاف فوجي ۽ نيم فوجي طاقت استعمال ڪجي ۽ ڊگهي مدي لاءِ اهڙي سوچ ۽ نظريي کي هٿي وٺرائجي ۽ ان لاءِ ميدان مهيا ڪجي جيڪا سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ماڻهن کي پنهنجي پروگرام کان آگاهه ڪري سگهي. هڪڙين ڌرين لاءِ ميدان صاف ۽ ٻين جي رستا روڪ واري روش ۽ پاليسيءَ جو نتيجو ئي آهي جو هتي ڪڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ٿئي ٿو، ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، ڪڏهن صوفين جون درگاهون حملي هيٺ اچن ٿيون، ڪڏهن ٻار شهيد ٿين ٿا ته ڪڏهن وري روشن خيال عورتن جو قتل عام ٿئي ٿو.
 
هي سماج انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ واري سوچ کي، قدامت پسندن کي ۽ ساڄي ڌر کي هٿي وٺرائڻ سان ڪنهن به نموني ترقي ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن سماج جي دهشتگرديءَ جي لعنت مان جند ڇڏائڻي آهي، جيڪڏهن سماج کي ترقيءَ جي راهه تي آڻڻو آهي، جيڪڏهن سماج ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي مذهبي آزادين کي يقيني بڻائڻو آهي ته پوءِ پسند ۽ ناپسند واري خول مان ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ سڀني ڌرين لاءِ هڪ جهڙا موقعا ميسر ڪري ڏيڻا پوندا.
 
سومر 23 جنوري 2017ع، 24 ربيع الثاني 1438 هه

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 6 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي