تعليم ۽ تربيت

ميرپورخاص تعليمي بورڊ يارهين ڪلاس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو

در . تعليم ۽ تربيت

ميرپورخاص تعليمي بورڊ پاران يارهين ڪلاس سال 2016ع جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ جنرل سائنس جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي، نتيجي موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ ڪل 11798 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 9511 اميدوارن 6 پيپرن ۾ پاس، 1404 اميدوارن 5 پيپرن ۾، 387 اميدوارن 4 پيپرن ۾، 218 اميدوارن ٽي پيپرن ۾، 58 ٻن پيپرن ۾، 18 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا ۽ 18 اميدوار امتحان ۾ غير حاضر رهيا ۽ 192 اميدوارن جا نتيجا ڪاغذ اڻپورا هجڻ ۽ ڪاپي ڪيس سبب روڪيا ويا آهن، جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ ڪل 7082 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 5638 اميدوارن 6 پيپرن ۾ پاس، 790 اميدوارن 5 پيپرن ۾، 361 اميدوارن 4 پيپرن ۾، 114 اميدوارن ٽن پيپرن ۾، 37 ٻن پيپرن ۾، 10 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا ۽ 122 اميدوارن جا نتيجا ڪاغذ اڻپورا هجڻ ۽ ڪاپي ڪيس سبب روڪيا ويا آهن، ساڳئي طرح سائنس جنرل گروپ ۾ 177 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 85 ڇھ پيپرن، 32 پنج پيپرن، 30 چار پيپرن، 14 ٽن پيپرن، 8 ٻن پيپرن ۽ 2 هڪ پيپر ۾ پاس ٿيا، جڏهن ته 6 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس ۾ ڪاغذ اڻپورا هجڻ تي روڪيا ويا آهن.

تعليم کاتي ۾ ڪرپشن:سيڪريٽري فضل الله پيچوهي جا گرفتاري وارنٽ جاري

در . تعليم ۽ تربيت

Fazlullah-Pechuhoڪرپشن ٽوڙ عدالت پاران سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، تفصيل مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو تي ڪرپشن ڪرڻ ۽ پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، اينٽي ڪرپش ڪورٽ هن جي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي هن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، نيب پاران تعليم

نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيندا: تعليم کاتو سنڌ

در . تعليم ۽ تربيت

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا بورڊ امتحان 7 اپريل کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙو جي صدارت هيٺ تعليم کاتي سنڌ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري سميت اعليٰ آفيسرن، سمورن بورڊز جي چيئرمين، اسڪولن جي رجسٽرار شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ست اپريل کان شروع ٿيندا، جڏهن ته سمورن اسڪولن ۾ اٺهين ڪلاس تائين جا امتحان 15 مارچ تائين مڪمل ڪيا ويندا، اجلاس ۾ هلندڙ سال موڪلن جو شيڊول به تيار ڪيو ويو آهي، گرمي جي موسم وايون موڪلون پهرين جون کان پهرين آگسٽ تي ٿينديون، جڏهن ته سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون.
منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 25 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي