سعودي عرب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن تعليم کاتي جي آفيس تي فائرنگ ڪري ڏني،جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا سخت زخمي پڻ ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي ڏکڻ واري شهر جيزان ۾ قائم تعليم کاتي جي آفيس تي اڻ ڄاتل هٿياربندن حملو ڪري ڏنو،جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ چار سخت زخمي پڻ ٿي پيا.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن تدريسي عملي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن. ان حوالي سان ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف پاران پ ٽ الف جي مرڪز پاران چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪرڻ ۽ سيڪريٽري تعليم خلاف سوين استادن پاران سيد رضا شاهه، اشفاق احمد ڌامراهو، انور علي ڀٽو، علي شيخ، ارشاد علي تونيو، خادم گهانگهرو، فدا حسين چانڊيو، مختيار گاد، اڪبر علي کوسو،